سيد نهال شاهه بخاريءَ جو ميلو

سيد نهال شاهه بخاريءَ جو ميلو: سيد نهال شاهه بخاريءَ جي مزار، حيدرآباد ويجهو هوسڙي اسٽيشن کان ميل پنڌ تي گنجي ٽڪر تي واقع آهي. هن مزار تي هر سال جمادي الثاني جي مهيني جي 25-26 تاريخ لڳندو آهي. هي ميلو سيد نهال شاهه بخاريءَ جا مريد ۽ عقيدتمند وڏي ڌوم ڌام سان لڳائيندا آهن. ميلي ۾ پري پري کان عقيدتمند اچي زيارت ڪندا آهن ۽ راڳ رنگ جي محفل ۽ ملاکڙو پڻ لڳايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو